مارچ تي پنهنجي آفيس سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾ پهتس ته اخبارون سامهون هيون. هڪ اخبار جي مين پيج تي ادي نسيم ٿيٻو جي تصوير سان گڏ هيڊلائين ۾ لکيل ”ناليواري اديبه، دانشور، ڪهاڻيڪار نسيم ٿيٻو ڪالهه 19 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ گذاري وئي.“ ٿوري دير لاءِ اکيون هيڊلائن ۾ کپي ويون. اکيون ڄڻ احتجاج ڪنديون هجن ته نه نه…. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.

ادي نسيم ٿيٻو کي ٽي چار سال اڳ ته ڏٺو هئو. پر طبعيت ته ادي نسيم جي تڏهن کان خراب هئي تڏهن منهنجي ملاقات پهريون ڀيرو ٿي هئي. بهرحال پاڻ کي همت ڏيندي، ادي نسيم پنهور کي فون تي ميسيج ڪري سگهيس پر هٿ ڏڪي رهيا هئا. ڳالهائڻ لاءِ ته صفا همت نه هئي.

ادي نسيم ٿيٻو سان گذاريل اهي پل، ڪيئن ٿا وسري سگهن. دماغ جي اسڪرين تي گهڙيون ڄڻ ريوائنڊ ٿيڻ لڳيون هيون.

ادي نسيم ٿيٻو کي مان تڏهن کان سڃاڻان جڏهن مان ڪراچيءَ مان انٽر پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ ڀيڻ نسيم خان محمد پنهور وٽ رهڻ آيس.

هڪ ڏينهن ٽاڪيوانڊپل ٿيٻو سان گذاريلي پيو هئو وڃينيد منجهند جو اڃا اک لڳي ئي مس هئي ته ٻاهر گيٽ جي بيل وڳي. مون سامهون هڪ عورت کي بيٺل ڏٺو. جيڪا بدن ۾ ڀريل- ويڪرو منهن- اکين تي چشمو ۽ باوقار حوصلي واري لڳي. مون بيٺي بيٺي سلام ڪيو ۽ هن عورت جواب به ڏنو ۽ پڇيو: ”نسيم آهي“. ”ها ها ادي آهي“. مون تڪڙ ۾ جواب ڏيندي اندر اچڻ جو چيو ۽ هوءَ منهنجي پٺيان هلي آئي. ۽ مان ڊرائننگ جو دروازو کولي هن کي اندر ويهاريو. ۽ اديءَ کي ڪمري ۾ سڏيندي ٻڌايم ته هڪ عورت توهان سان ملڻ آئي آهي. ادي بيڊ تان تڪڙ ۾ اٿندي ڪمري مان نڪري آئي ۽ پڇڻ لڳي: ”ڪٿي آهي؟، مون ٻڌايومانس ته مان ڊرائننگ روم ۾ ويهاري آئي آهيانس.“ اڙي چري، تون هيڏانهن ڪمري ۾ وٺي اچينس ها. مان حيران به هئس ۽ پريشان پڻ پر اديءَ کي ڏسي مان سمجهي وئي هئس ته اديءَ جي يا ته ويجهي دوست آهي. يا ڪا سڃاڻپ واري، بهرحال اديءَ سان گڏ مان به ڊرائننگ روم ۾ پٺيان پٺيان آيس.

”اديءَ نسيم ڪهڙا حال آهن. اچو اچو. هيڏانهن بيڊروم ۾ ٿا هلي ويهون.“ هت گرمي آهي. ”ها ها هلو“ هن به جواب ڏنو. پوءِ ادي نسيم انهيءَ عورت کي بيڊروم ۾ وٺي آئي مان اڃان به ٿورو گهٻرايل هئس. اديءَ منهنجي گهٻراهٽ سمجهي ورتي هئي ۽ چوڻ لڳي: ”ثمينه هيءَ اديءَ نسيم ٿيٻو آهي. اسان جي يونيورسٽي ڪالوني ۾ رهي ٿي. اديءَ جو گهر اسان جي گهر کان ٻه ٽي وکون پري آهي.

ادي تمام سٺي ليکڪا آهي ۽ يونيورسٽي ۾ اڪنامڪس ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر آهي. اديءَ کي ٻه ڌيئر تانيه ۽ انيتا آهن جيڪي حيدرآباد جي ميران گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهنديون آهن. ۽ وري اديءَ منهنجو تعارف ڪرائڻ لڳي. ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته هيءَ به ڪهاڻيون، شاعري وغيره ڪندي آهي. ادي نسيم ٿيٻو مون کان پڇڻ لڳي ته ”اڇا توهان ڪهاڻيون لکندا آهيو.“ مان ٿورو گهٻرائجي ويس، پر جواب ڏنم، ها ڪڏهن ڪڏهن…… وڌيڪ اديءَ مون کان ڪجهه نه پڇيو. ادي ڳالهايو پئي پر هو ها ۽ نه ۾ جواب ڏئي رهي هئي. مان ادي جي طبيعت تي سوچي به رهي هئس. ته ايترو مختصر جواب ڏيڻ تي پريشان به پئي ٿيس. اديءَ مون کي چيو ته تون چانهه ٺاهي اچ. پر کنڊ نه وجهجانءِ، انهي جي معنيٰ ته ادي کي شگر آهي. پاڻ کي جواب ڏيڻ لڳس. مان رڌڻي ۾ اچي چانهه ٺاهڻ لڳس. ۽ ادي نسيم ٿيٻو جي باري ۾ سوچڻ لڳس. چانهه ٺاهي کڻي ڪمري ۾ آيس ته ادي نسيم ٿيٻو وڃي چڪي هئي.

مان ادي کان پڇڻ لڳس، ادي نسيم ڪٿي آهي؟ اها هلي وئي، اديءَ چيو: مان وڌيڪ پريشان ٿي پيس. ادي آئي ۽ ادي هلي وئي بنا چانهه پيئڻ جي؟ ادي مون کي ان مهل ڪو جواب ڪونه ڏنو. پر ايترو چيائين ادي پنهنجي طبعيت واري آهي، ائين اچي ويندي آهي ۽ وري جهٽ دير ويهي هلي ويندي آهي.

بهرحال ٿوري دير لاءِ مان سوچڻ  تي مجبور ضرور ٿيس، ائين ادي نسيم هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪڏهن شام ڪڏهن ڪڏهن منجهند جو اچي ويندي هئي ۽ ائين ئي چپ چاپ ٿوري دير ڪچهري ڪري هلي ويندي هئي. مون کي ادي جي شخصيت وڻڻ به لڳي هئي. ۽ ٻيو ته ادي نسيم ڪهاڻيون لکندي هئي. جيڪا منهنجي دل وٽان ڳالهه هئي. هڪ ڏينهن ادي نسيم ٿيٻو آئي ته مون کان پڇڻ لڳي ته: ”تون ڪهاڻيون لکندي آهين ۽ تو ڪڏهن ڪهاڻي ڇپائي آهي؟“ ”ها، منهنجي ڪهاڻي هڪ ڇپيل آهي جڏهن مان ڪاليج ۾ پڙهندي هئس. اتي ڪاليج مان ميگزين نڪرندو هئو. ان ۾ شايع ٿي هئي. جنهن تي انعام به مليو هئو.“

”اڇا پوءِ هاڻي ڪهاڻيون شايع ڇو نه ٿي ڪرائين؟“

انهي جو جواب مون کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو. ته ڪيئن شايع ڪرائجي، ڪنهن کي ڏجي، يا جيڪي ڪهاڻيون لکندي رهان ٿي اهي شايع به ٿي سگهن ٿيون يا نه. ”الائي ادي ڪهاڻيون ايتريون معياري به آهن الائي نه.“ مون کي پنهنجن لکڻين تي يا پاڻ تي اعتماد نه هئو. جواب ڏنم.

”تون مون کي پنهنجي لکيل ڪا ڪهاڻي ڏيکار مان پڙهي ڏسان.“ ان مهل مان خوشي ۾ نه ٿي ماپيس. پر وري ڊپ واري ڪيفيت به هئي ته ادي الائي ڪهڙا رماڪس ڏيندي. بهرحال اديءَ نسيم جي چوڻ تي رات جو ويهي ٻه ٽي ڪهاڻيون وري وري فيئر ڪيون ۽ ٻئي ڏينهن شام جو ادي نسيم آئي ته کڻي ڏيکاريونمانس. پاڻ پڙهندي وئي. ان ويل منهنجي حالت ڏسڻ وٽان هئي. ادي الائي ڇا سوچيندي، ڇا ڇا چوندي، مان به سدوري ٻار جيان اڳيان ڪرسي تي ويٺي هئس ۽ انتظار ڪري رهي هئس. فيل ۽ پاس ٿيڻ جو. جڏهن ادي نسيم ڪهاڻي پڙهي پوري ڪئي ته مون ڏي نهاري چيائين ته ”ثمينه تون ته واقعي ڪهاڻي لکي ٿي ڄاڻين، ايڏي زبردست لکي اٿئي.

پوءِ ته اهو ڏينهن مون لاءِ عيد کان گهٽ ڪين هئو. هر هر انهيءَ ڪهاڻي کي ٿي پڙهيم. لکندي ته رهندي هئس پر همت ڪڏهن به نه ڪئي هئي ڪنهن کي ڏيکارڻ جي يا اعتماد جي کوٽ هئي. بهرحال ادي نسيم جي ٻن ٻولن مون کي اندر ۾ جلا بخشي ڇڏي هئي. ۽ اها سرهائي اڄ تائين به محسوس ڪندي آهيان. ۽ اها سگهه مون کي لکرائيندي رهندي آهي. ۽ ائين ئي ادي نسيم ٿيٻو جي همت افزائي ڪرڻ سبب هن جي ويجهو ٿيندي ويس ۽ هوءَ مون لاءِ احترام لائق بڻي هئي.

وڌيڪ عزت ڪرڻ لڳي هئس. ادي نسيم به مون کي ننڍي ڀيڻ جيان ڀائنڻ لڳي هئي. هڪ ڏينهن ادي نسيم ٽماهي مهراڻ جا ٻه پرچا مون لاءِ کڻي آئي جنهن ۾ ادي جون ڪهاڻيون عنوان نالي ”رُسندو ڀرجندو گهاؤ“ ۽ ٻي ”ڪاري رات“ جي عنوان سان هيون. ڇا ته ادي جون لکڻيون هيون. انهن لکڻين مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ آماده ڪيو. ۽ ائين مان وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ به لڳس. ڪجهه وقت کان پوءِ ادا خان محمد پنهور کي به ادي نسيم ٿيٻو جي بنگلي جي لائين ۾ بنگلو الاٽ ٿيو. پوءِ ته روز صبح شام انهن جي گهر وڃبو هئو. ادي نسيم ٿيٻو جون ٻئي ڌيئرون تانيه ۽ انيتا الاهي بولڊ، ذهين، پراعتماد لڳنديون هيون. هنن جي ننڍڙي شخصيت ننڍپڻ ۾ ايڏي ميچور هئي. هو اڃا اسڪول جون شاگردياڻيون هيون. پر ادب جي باري ۾ هو وڏي ڄاڻ رکنديون هيون. هو انگريزي اخبار ڊيلي ڊان روز پڙهنديون هيون. گهر ۾ ٺهيل ادا خان محمد پنهور جي ننڍڙي لائبريري ۾ روز اينديون هيون. ۽ ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي وينديون هيون ۽ وري واپس ڪري ٻيا ڪتاب کڻي وينديون هيون. اڳتي هلي اسان ڇوڪرين. ”ادبي سرڪل ڪلب“ جوڙيو. جنهن ۾ ادي نسيم ٿيٻو، تانيه، انيتا، نجمه پنهور، سلميٰ پنهور، مارئي عطار ۽ مان هوندا هئاسين. ڪتاب هرڪو گهر پڙهڻ لاءِ کڻي ويندو هئو. پوءِ هفتي کان پوءِ انهيءَ ڪتاب تي هرڪو پنهنجي راءِ جو اظهار لکي کڻي اچبو هو. اسان سڀني ۾ تانيه جي شعوري سگهه تمام وسيع هوندي هئي ڇو ته هن جو مطالعو ۽ مشاهدو اسان کان وڌيڪ هوندو هئو. هن ننڍپڻ کان ڪهاڻيون لکيون هيون. ۽ شاعري ڪئي هئي. ۽ ٻيو ادي نسيم ٿيٻو پڻ ليکڪا هئي ۽ خاندان ۾ ورثي ۾ مليل شين جو ضرور اثر ٿئي ٿو. مان اها ڳالهه سوچيندي هئس.

ائين ئي ادي نسيم ٿيٻو جو گهر ۽ اسان جو گهر ڄڻ هڪڙو هوندو هئو. انهن ڏينهن ۾ ادي نسيم ٿيٻو جي امڙ بادام ناتوان سان ملاقات ٿي جيڪا پڻ ناليواري اديبه هئي.

سندس ڪتاب ”خوش خصلت خاتون“ شايع ٿيل هئو. امان سان به الاهي رهاڻيون ٿيون. هوءَ ادي نسيم ٿيٻو کان وڌيڪ ڳالهائڻ واري هئي. ادي نسيم جيڏي چپ ۽ خاموش هوندي هئي. امان بادام ان کان وڌيڪ ڪچهريون ڪندي هئي.  ادي نسيم جي ڌيءَ انيتا جي شادي ناليواري ليکڪ اعجاز منگي سان ٿي. جيڪو پڻ منهنجي ڀاءَ ارشاد ميمڻ جو دوست هئو تڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ گڏ پڙهي رهيا هئا.

ڪجهه سال ته ادي نسيم وارن کي وساري نه ٿي سگهياسين. ۽ ائين آهستي آهستي پري رهڻ ڪري، يا وقت جي تيز رفتار زندگي ۾ پاڻ کي گم ڪرڻو ٿي ٿو پوي. پر سالن پڄاڻان، وري ملاقات ٿيڻ جو اوچتو بهانو جُڙيو جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ادا اعجاز منگي جيڪو ادي نسيم ٿيٻو جو نياڻو انيتا جو گهروارو، سيڪريٽري ٿي آيا. ۽ بورڊ ۾ موجود بنگلي ۾ رهائش پذير ٿيا. منهنجي خوشي جي ته انتها نه رهي. پهرئين ڏينهن ئي مان وڃي ادي نسيم ۽ انيتا سان مليس. تانيه جي شادي ٿي ويئي هئي ۽ اها اسلام آباد هئي. ادي نسيم اهائي جسم ۾ ڀريل، پر چهرو صفا ڪمزور لڳي رهيو هئس. ۽ پاڻهي هلي ڦري به نه ٿي سگهي. مون کي ڏسندي ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. اديءَ کي ڏسندي اندر جو سڏڪو نڙي ۾ اٽڪي پيو. مون به ڀاڪر وڌو، ادي ٺيڪ طرح سان ڳالهائي به نه ٿي سگهي. ادي جي همت حوصلي، بردباري هاڻ هن کي ٿڪائي وڌو هئو. هن اڪيلي سر پنهنجي جنگ جوٽي هئي. هاڻ هن جا بلند حوصلا جواب ڏئي چڪا هئا. هن جي اکين ۾ اها چمڪ هاڻ ڌيمي پئجي چڪي هئي. مان گهڻي دير ويهي نه ٿي سگهيس. الائي ڇو مون ۾ همت ئي نه هئي. ادي کي وڌيڪ ڏسڻ لاءِ……. ۽ اهو پل شايد آخري هئو، اڄ تائين لاءِ… اهي گهڙيون منهنجي ذهن تي نقش ٿي چڪيون آهن هميشه لاءِ….. اڄ جڏهن هي سٽون اديءَ نسيم لاءِ لکان ٿي ته ڄڻ منهنجي لکڻ جي سگهه ختم ٿي وئي هجي يا هيءَ سڳو جيڪو پل پل جو هئو ڄڻ ٽٽي پيو هئو کن پل ۾……

ثمينه ميمڻ

 

 

 

 

 

Advertisements