16832107_1679245088768543_9028061465187875654_n

ليکڪ: راز شاهاڻي

 ڪتاب “نما شام” جو تعارف

اهو اڃا تحقيق طلب آهي ته سنڌي شاعري جي ابتدا، باقاعدي سان ڪڏهن کان ٿي آهي، پر ايترو سو اُهڃاڻ ضرور ملن ٿا ته سومرا دور 1050، 1351 ۾ سنڌي شاعري مختلف لکيت (اسڪرپٽس) ۾ لکجي رُهي هُئي ۽ اُن دور جي مذهبي شاعري، پير صدر الدين جا مذهبي فقرا باقاعدي سان مختلف محققن جهڙوڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ سنڌي ٻولي بابت تحقيق ڪندڙ مختلف ليکڪن پنهنجي ريفرنس ۾ پڻ ڪم ڪندا آهن. تنهنڪري اهو پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي جي شاعري، هزارها سالن جي تاريخ رکي ٿي ۽ اُها مضبوط بُنيادن تي بيٺي آهي، جيڪا پنهنجي ارتقا جا مختلف مرحلا يعني رزميه، مذهبه، لوڪ شاعري جا ويس ويڙهيندي اڄ جي جديد رنگ ۾ رنڱجي نرواريت سان بيٺي آهي.  شاعري آهي ته احساسن جي ٻولي، اُن کي دل جي ڪن ۽ جذبات جي شگُفتگيءَ سان محسوس ڪبو ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ۽ دل کي ڇُهندڙ ۽ وڻندڙ به لڳندي. توڙي جو اڄڪلهه جي تڪڙي رابطائي سرشتي  انٽرنيٽ، واٽس ايپ، فيس بُڪ، آءِ ايم او، ۽ وائيبر وغيره  متعارف ٿيڻ کانپوءِ انسان جو اردگرد گهڻو تبديل ٿيو آهي، اُن جا کيس فائدا به پُهتا آهن پر ساڳي جاءِ تي کيس  رويي جي اُٻهرائپ ۽ اُتاولائپ ۽ دل جي ڪٺورتا جهڙن روين کي به وڌيڪ شدت سان مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪو هڪ شاعر لاءِ نسبتن وڌيڪ ڏکوئيندڙ مرحلو آهي.

شاعري ۾ خيالن جي اُڻت ۽ طبع آزمائي مختلف صنفن وسيلي ڪئي ويندي آهي، جن مان ڪُجهه سنڌ جون مقامي جڏهن ته ڪجهه صنفون عالمي ادب مان اسان وٽ پهتيون آهن. نظم جي صنف اسان وٽ ٻاهران آئي آهي، پر هتان جا شاعرن اُن کي اهڙو ته رنگ ڏنو آهي، جو نه ٿو لڳي ته ڪو نظم جو هن ڌرتي سان اصل تعلق نه آهي.  ڪشند چند بيوس، ڀيرو مل غريب، سروپچند شاد، حيدر بخش جتوئي کانپوءِ شيخ اياز، نارائڻ شيام، شمشير الحيدري ۽ ٻين ڀرپور نظم لکيا ۽ اُهو سلسلو،نظمن جي هڪ تازو ڇپيل ڪتاب “نما شام” تائين پکڙيل نظر اچي ٿو.   هيءَ ڪتاب يعني “نما شام”  شاعره تانيه ٿيٻو جي ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو تازو نئون نياپو پبلڪيشن ڪراچي پاران چپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب  ۾ ڪيترائي خوبصورت نظم شامل آهن، جن کي پڙهي لڳندو ته سنڌي شاعري ۾ سُٺي نظم سرجڻ جو سلسلو اڃا جاري آهي:

ڪر کڻي ڪڪريون اُثيون

پنکڙين تي پرهه جو،

ماڪ جون بوندون لٿيون

موج ۾ من هو هوا جو

موگري جي مهڪ ميڙي

باک سان لائون لڌيون.

……………..

پڪ نه آ هُو موٽي ايندو،

پوءِ به دل کي اوسيئڙو آ.

گيڙوءَ رتڙا ڪپڙا پائي،

رُليو گهٽين ۾ اڄ جيئڙو آ.

برف ٿيو آ سارو تن من،

تهه سياري جو سيئڙو آ.

…………………

سنڌي شاعرائن ۾ تانيه ٿيٻي جو نالو نئون نه آهي، هوءَ 80ع جي ڏهاڪي کان لکي رهي آهي، پر پنهنجي حساس ۽ Reserve  طبعيت جي ڪري اجائي شوبازي يا مشهوريءَ جي مصنوعي سرگرمين کان گهڻو پري رهي آهي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪوئي اهو چوي ته سندس پڙهندڙن جو حلقو محدود يا گهٽ آهي ته بلڪل ٺيڪ پر اُن جي نظمن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هُن جي ڪلام ۾ سُٺا ۽ دل کي ڇُهندڙ جذبا آهن، جيڪي شاعراڻي احساسن سان ڀرپور  لڳن ٿا. سندس نظم هڪ حساس ڇوڪريءَ جي معصوم احساسن جهڙا آهن، جن ۾ خيال جي اُڻت به معصوماڻي انداز ۾ ڪيل آهي، اُهو اُن جي ڪري جو شاعره پنهنجي طبعيت  ۾ به معصوميت رکي ٿي ۽ هوءَ جڏهن پنهنجي نظم ۾ ڏوراپي يا شڪوه شڪايت جي ڳالهه ڪري ٿي ته اُها به معصوماڻي انداز ۾:

ڪنهن جي دل تائين رسڻ يار

ڪڏهن سولو نه هيو

موٽي آياسين ڪئي وار،

جتي ڍوليو نه هُيو.

ڪيئن ملنداسي ميارن سان،

جي ڳولهيا نه ويا.

مون ته رستو نه مٽيو،

توئي بس ڳولهيو نه هُيو.

……..

هن ڪتاب ۾ شامل نظمن ۾ خارجي توڙي داخلي محسوسات(internal feelings)  جو هڪجهڙو اظهار ٿيل آهي ۽ اظهار جو اهو انداز مُتاثر ڪُن آهي، جنهن ۾ شاعره پنهنجي انداز بيان جي نفاست کي پڻ برقرار رکيو آهي، تنهنڪري اهڙن نظمن کي ڌيان جي نفاست سان پڙهجي ۽ محسوس ڪجي ته نظم ۾ آيل ڪيفيت جي حقيقي تصوير ڪشي ڪري سگهبي. نظمن ۾ سنڌ جي محڪوم ۽ عام ماڻهو جو درد ۽ اُن جي بيوسي جو اظهار به اثرائتي نموني ٿيل آهي.  جيئن ته شاعري آهي ئي احساسن جي اظهار جو نالو، جي  اهو اظهار ٻئي جي درد کي محسوس ڪري پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪجي ته وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿئي ٿو. سنڌ جي عام ماڻهو جي افلاس ۽ بيوسيءَ جو بيان ڪتاب جي هڪ نظم مان ڪجهه هن ريت جهلڪي رهيو آهي:

بيوس ۽ لاچار بڻائي

پوءِ انهن کي لوئين ٿو

پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ هر پل

خواب اُنهن جا ڳوهين ٿو

ڪجهه به نه ڏيڻو پوي  انهن کي

پٿرن وانگر سوئين ٿو

قتل ڪري تون ماڻهن کي

داغ سمورا ڌوئين ٿو.

هيءَ ۽ هن جهڙا ٻيا ڪيترائي نظم هن ڪتاب يعني “ نما شام” ۾ شامل آهن. ڪتاب ڇپجڻ تي اُن جو ليکڪ ۽ پبلشر جس لهڻ جا مستحق آهن. هيءُ اهو دور نه آهي ته ڪوئي، ڪنهن جي فتويٰ سان عظيم يا خسيس شخصيت / ليکڪ / شاعر بڻجي وڃي. اڄ جو پڙهندڙ گهڻو هوشيار آهي. هن ڪتاب ۾ ڇپيل نظم بابت اهو خود ئي راءِ قائم ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو يا ڪو نظم جو ڄاڻو نقاد اُن جي فني ٽيڪنڪ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري، هڪ عام پڙهندڙ جي حيثيت ۾  ڪتاب  ۾ شامل نظم احساسن سان ڀرپور آهن ۽ هڪ حساس شاعره جي نظماڻي خيالن تي مشتمل اُهي احساس / ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. نئون نياپو پبلڪيشنز ڪراچيءَ پاران ڇپرايل هيءَ ڪتاب 240 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 400 رُپيا آهي.

 Email: raz_stv2007@yahoo.com

Advertisements