ڏيئن جي قطار ۾ ٻرندڙ شاعري

اڻويه سو اسي جي ڏهاڪي ۾ ولي رام ولڀ جي ٽماهي (جرنل) ا دبي رسالي ۾ تانيه ٿيٻو جي نالي سان سندس ِشاعري جڏھن پهريون ڀيرو شايع ٿي هئي ته سنجيده شاعري جي ڪيترن ئي پڙهندڙن کي حيران ڪري ويئي هئي. هڪ اهڙي سهيوڳي ادب جي رسالي ۾ (جنهن کي مان اڃان تائين مس ڪندو آهيان ائين جيئن اڻويه سو ستر ۽ اسي جي انهن سالن کي ۽ انهن سالن واري سنڌ ۽ حيدرآباد کي ڄامشوري کي)ڇپجندڙ اها شاعري سا به سچي پچي هڪڙي خاتون جي (ڇاڪاڻ ته تڏهن ڪيترا هاڻوڪا نام ڪٺيا سنڌي شاعر ۽ اديب تڏهن اخبارن جي ادبي صفحن ۾ سندي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهڻ جهڙي شاعري ۽ ڪهاڻي ڇپرائيندا هئا يا وري ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هلال پاڪستان ۾ فهميده حسين جي سگهڙين سٿ ۾ خط ئي ڪنهن ڇوڪريِ جي نالي ۾ پيا لکندا هئا. اها ٽرِڙائپ اڄ به آهي پررڳو اها سائبر زماني ۾ پهچي چڪي آهي جتي اديب غير اديب ڪوڙين سڃاڻپن سان هڪٻئي کي خوار ڪري رهيا آهن، نڙگهٽن تي ننهن رکي سڄا ڏينهن سڄيون راتيون ويٺل آهن يا وري پوءِ مايون بڻجي عورتن کي گاريون ويٺا ڏين) خير. پر فوجي آمر ضياء جي انهن ڏينهن ۾ هڪِڙي اصلي نسلي ڇوڪري جي نالي واري شاعري سا به نون نڪور خيالن وارا نظم

نثري نظم جرئت وارا بنا ڪنهن لفاظي ۽ نعري بازي جي اهڙا موضوع ڇهندڙ جيڪي اڄ به سنڌ جي جنت توڙي ملڪي جهنم آدم توڻي حوا لاء ڪڻڪ جو داڻو بڻيل هجن انهن کي تڏهن جن عورتن جي قلم ڇهيوٿي انهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ نورالهدا شاه، نسيم ٿيٻو، اسانجي ميران ۽ ملڪه پيرزاديون،خيرالنساء جعفري (جنهن کي سنڌي ادبي لڏي، خبر ناهي انکي “لڏو” الائجي ڇوٿا چون يعني .لاڏائو قبيلن جو لڏو، جي سڏڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ “ادي گڏيءَ چوندا اچون ) ۽ هي تڏهن نئين اڀرندڙ شاعره تانيه اڪيلي سِتاري جيان شعاع ڪرڻ شروع ڪيو هو. هي تانيه ڪير آهي خبر ٿي؟ ظفر اڄڻ فهميده رياض کي چيو هو جڏهن اسان کيس ساڻس ملهائهجندڙ شام جو دعوتنامون ڏيڻ ويا هئا سين جنهن ۾ هڪڙي ڳالهائيندڙ تانيه ٿيٻو به هئي

ان کان ڪجھ سال اڳ خبر پيئي ته اها شاعره تانيه ٿيٻو سنڌ جي ڪهاڻيڪار نسيم ٿيٻو، ۽ رسول بخش پليجو ( سياست ۽ سياسي نثر جو رسول غمزه توف) جي ڌيءُ، سنڌي ناول جي خاتون اول بادام ناتوان جي ڏهٽيءَ، اسانجي دوست مير ٿيٻي (مير ٿيٻي اسانجي نسل کي ائين پئي متاثر ڪيو آهي جيئين هڪڙي آمريڪي نسل کي جان لينن ۽ بوب مارلي يا بوب ڊيلن، ۽ ذاتي طور مونکي فرانسيسي دانشور ۽ اڳوڻي انقلابي ويڙهاڪ رجس ديبري، فلاسافر مشل فوڪو ۽ زاهد مخدوم، سيف ٻنوي) جي ڀاڻيجيِ، ۽ منهنجي پياري مان پياري دوست اعجاز منگي جي پو جيون ساٿياڻي اسانجي دوست انيتا جي نويڪلي ۽ وڏي ڀيڻ آهي. ابو هن مهل يادن جي درين مان ڪيڏو نه وڏڦڙو اچي من جي ڪچي ڪوٺي کي آلو ڪري رهيو آهي. بس فقط هڪڙي ساروڻي؛ روزي ڪارنر تي مونکي منهنجو پيارو امداد چانڊيو وٺي ويو هو. اها اعجاز منگي سان دوستي کان گهڻو اڳ جي ڳالھ آهي. ذولفقار علي ڀٽي کي ڦاسي کان ٿورو پوءِ. تڏهن ضياالحق جا جاسوس ۽ گسٽاپو امداد کي ڳولڻ لاء نوس نوس ڪندا وتندا هئا ۽ امداد مزي سان گهمندو وتندو هو پنهنجن سياسي ڪمن ڪارين سان. هن جي ٽيپ سدائين سندس ورن ۾ ٿميل هوندي هئي يعني مارشل لا مخالف سائيڪلواسٽائيل پئمفليٽ ۽ اخبارون. شيخ اياز چوڻي “اڄ به گسٽاپو گهر گهر وجهي ڪنبڻي”. روزي ڪارنر تي منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات هن “خوشخصلت خاتون“ جي سرجڻهار امان بادام ناتوان،۽ هن پٽن مير ٿيٻي، ۽ مختيار سان ٿي هئي. بادام ناتوان ڪيڏي نه قربائتي ۽ مامتا سان ڀرپور خاتون هئي. ساڳيو مختيار پڻ. بادام ناتوان چوي ابا توهان منهنجي پٽن ۽ منهنجي ڌي جهڙا آهيو.۽ مختيار منهنجي وڌيل هپي ڏاڙهي ڏسي چوي مونکي ڏاڙهين کان بڇان لڳندي آهي.ڪوڙين ڇو نه ٿو؟” سچي ڳاله ته اها آهي مونکي ڪيئن ڪم تڏهن ڪانه ايندا هئا يا انهن کان بور ٿيندو هوس انهن ڪمن ۾ روز يا هر ٽين چوٿين ڏينهن ڏاڙهي لاهڻ به شامل آهي. جيئين سائيڪل هلائڻ ۽ ڊرائيونگ ڪرڻ، سموري اسپورٽس، ۽ اخباري رپورٽنگ ۾ ڪنهن نام نهاد شخصيت ( اها ٻي ڳاله آهي سڀ شخصيتون ٿينديون ئي نا نهاد آهن) جي پويان ڪڍ لڳي خبر لا سوال پڇڻ يا هنکي فون ڪرڻ.
سو منهنجي ڏاڙهي تي هر هر بڇان کائڻ واري مختيار کي بادام ناتوان چيو جي توکي هن جي ڏاڙهي ايتري به نه ٿي وڻي ته تون پاڻ ڇو نه ٿوڪوڙينس. پو مونکي آئينو ڏيندي الا ڪيڏي پيار ۽ چرچن سان مختيار پاڻ پنهنجي هٿن سان ڏاڙهي ڪوڙي هئي. بادام ناتوان ماني کارائي هئي، چانھ پياري هئي. اڄ تائين نه ٿو وسري. هو بارش ۾ نازبوءُ جي خوشبوءُ جهڙو ماڻهو مختيار ٿيٻو،ڪاڏي ويئي بادام ناتوان، ڪاڏي ويئي نسيم ٿيٻو جنهن منهنجي دوست آغا سعيد کي آٽو گراف ڏيندي لکيو هو ” وتايو فقير سنڌ ۾ روز روز پيدا نه ٿيندو. سگهارو ره وڻ جيان ڪامريڊ!” سوچيان ٿو مختيار جهِڙا ماڻهو به ته وتايي جهڙا هيا ۽ هنن جي ماء وتايي جي ماءُ جهڙي جنهن چيو هو پٽ هرڪو پنهنجي جهنم جو ٽانڊو پاڻ سان هن دنيا مان ئي کڻي وڃڻو هوندو آهي. مير ٿيٻي کان مون هڪ ڪتاب رجس ديبري جو “اسٽريٽجي آف ريووليوشن” اڌارو ورتو هو. اها روزي ڪارنرتي شايد منهنجي آخري شام هئي. گهڻن ڏينهن کانپو مير جي ڳولا ۾ روزي ڪارنر تي فوجين ڇاپو هنيو هو شايد هو مير عيوض مختيار کي کنڀي کڻي ويا هيا..

گهڻا سال پوءِ جڏهن منهنجي اعجازمنگي سان دوستي ٿي ته ڄڻ هڪ ٻي عجيب دنيا سان دوستي ٿي. يعني تنهنجي دنيا ست رنگ سانول. مان هن سان گڏ ڄامشوري ميڊم نسيم ٿيٻو جي گهروييدو رهيس. جتي منهنجون تانيه ۽ انيتا سان ملاقاتون ٿيون. هنن جي ڊرائنگ روم ۾ چي گويرا جي هڪ منفرد رنگن ۽ خاڪن واري پوسٽر سان گڏ البر ڪاميو ۽ دوستووسڪي (جنهن جو هاڻ منهنجو پٽ وڏوڪتابي ڪيِڙو آهي) جا کوڙ سارا ڪتاب به هيا. مونکي اعجاز ٻڌايو ته اهي گهڻا تانيه جا آهن..

سوڳالھ تانيه ۽ هن جي شاعري کان ٿيندي يادن جي ور چڙهي ويئي.خدانخواسته تانيه انڪري شاعره نه هئي جو هن جا ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا وڏا شينهن هئا پر هوپنهنجي وات وڪيل هئي. ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي. بس هو به ڪروڙين عورتن جيان نسيم هجي يا بادام ناتوان يا منهنجي گهر جو مايون مردن جي ٺاهيل دنيا، ڄڻيل اولادن، گهڙيل ڪهاڻين، شاعري توڻي گارين ۽ لطيفن (جن جو مرڪز عورت ئي هوندي آهي) ۾ وڏي مان ۽ شان سان پنهنجو پاڻ مڃرائڻ يا رڳو وجود مڃرائڻ جي جنگ ۾ رڌل ٿين ٿيون. ڪاش اها دنيا عورتن جي ئي ٺاهيل هجي ها.

تڏهن تانيه جي شاعري انهن ڏينهن ۾ پڙهي مونکي هڪڙو اهڙو آئينو به لڳي هئي جنهن ۾ ڄڻ ته اهي نظم مرد جي ٺاهيل دنيا کي آئينو ڏيکاريندا ھجن. هن جي شاعري ۾ مونکي ڪجھ ڪجھ رنگ تڏهن گمنامي مان شهرت ۾ ايندڙ جوان جماڻ هندي شاعره گيتانجلي جي شاعري ياد ڏياري رهيا هيا. ۽ هاڻ وري انهي ئي تانيه جي شاعري اوهان ۽ منهنجي هٿن ۾ آهي. سٺوٿيو تانيه ڪيتري عرصي کان پنهنجي پڙهائي، پڙهائڻ ، اليڪٽو ازم ، گهر گرهستي جي سانگن سان سنڌ ڇڏي ملڪ جي اتر پار نڪري ويئي. اسان سنڌي ڏال ڏيڏرن جي دنيا مان نڪتي . ڇو ته رڳو سنڌ ديس جون ئي واٽيون ڦلن ڇانيون ناهن ڄام شوري کان به گهڻو اڳيان گهڻو هوائون پاڳل آهن پر پياريون آهن. پر ڄامشوروڄامشورو آهي. انڪري جتي هن جي هِن شاعري ۾ ڄامشورو پنهنجي هوائن ۽ پاڻين سميت پينٽ ٿيل آهي اُتي هن جي شاعري ۾ مونکي پوٺوهاري ، ڪشميري ،پهاڙي لوڪ گيتن جو روح به پرڙا هڻندي لڳا. هن ڀيري هن جي شاعري ۾ رڳو سنڌ جي اجرڪ جا ميرانجهڙين نيريين ڦلڙين جا عڪس ڪونهن پر بادل ، پهاڙ، پکي، پرديس، وڻ، چارئي رتون، کوڙ سارا مينهن. بلڪل آمريڪي شاعره ايريڪا جونگ جي ڪويتائن جي ياد ڏياري ٿي.

ڪنھن جي دل تائين رَسڻ يار،
ڪڏھن سؤلو نه ھُيو.
موٽي آيا سين ڪئي وار،
جتي ڍوليو نه ھُيو

يا جيئن
اي ھوا پيرا کڻي،
تنھنجا ڪٿي پھتي آن مان.
ڇا خبر تون ساٿ ڏيندئي،
يا ھتان موٽي وڃان؟

تانيه جي هن ڳٽڪي (مجموعي) ۾ نظم نه فقط مينهن ڪڻين جا وسن ٿا پر هتي هن جا ڪيترائي نظم آرٽ جي تاڃي ۾ آهن. جيتوڻيڪ هن شاعري ۾ پنهنجو پراڻو انقلابي رنگ جڳھ جڳھ ڪونه ڇڏيو آهي پر هن پنهنجو عورتپڻو يا (ومين هوڊ) به ڪونه وساري آهي. هڪ ڪڏهن به آڻ نه مڃيندڙ عورت پڻوجيڪو دنيا جي جديد شاعري ۾ سلوايا پلاٿ کان وٺي ايريڪا جونگ تائين جي شاعري ۾ ۽ اسانوٽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ سحر امداد کان وٺي عطيه دائود امرسنڌو کانوٺي روبينه ابڙو ۾ يا اردو ۾ فهميده رياض کان وٺي ڪشور ناهيد ۽ عذرا عباس کانوٺي نسرين انجم ڀٽي تائين ملي ٿو. الا نسرين انجم پنجابي جي به سهڻي شاعره هئي. ۽ هن قطار ۾ ملڪه ميرا پيرزادوز ۽ پشپا ولڀ کي ڪئين ٿوڪڍي سگهجي.پر پنهنجي جنس ۽ جنسيت جو فنڪاراڻا اظهار جيڪو تانيه جي شاعري ۾ ملي ٿو اهو نه فقط هن جي لهجي کي منفرد بڻائي ٿو پر لفظن کي زنده ۽ محترڪ رکي سنڌي شاعري کي نوان رنگ به ڏيئي ٿو وڃي. هن پدراڻي ۽ ڪنڪري ويل مرداڻي سنڌي سماج ۽ ادب جي هاڻ بيٺل سينوريل پاڻي ۾ اهو وڏو پٿر ته پنهنجي جاءِ آهي ئي آهي پر ڪنول بڻجي ڀي کڙي بيهي ٿي هن جي شاعري. ۽ اهو ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي.

پڙهند ڙو يڪ ڪنا! اجهو هو هئين چئي ٿي وڃي

اڄ اماوس رات آ،
۽ پِرينءَ جو گھر پري آ.
عڪس ڏسبو آسمان ۾،
جي پِريئن جو گھر پري آ.

.
يا وري هڪ يادگيري جي لڪيرن کي لفظ ۾ هئين مصور ٿي ڪري:
احساس جيان ھو،
ھُو ساھ جيان ھو.
ھر شئ کان سُبڪ رُوھو،
رفتار جيان ھو.
جيڪو پھريون دفعو ٿيو ھجي،
ان پيار جيان ھو!

۽ هي نظم:
ھوءَ ڇوڪري،
خوابن جي نگرئَ ۾،
پھرين به رھندي ھئي،
ھاڻي به رھندي آ.
بادل برسي ته روئندي آ،
کنوڻ کلي ته کلندي آ،
تارن جي وچ ۾ رھندي آ،
چُنري جا ويڙھي ھلندي آ،
تارن کان اوڌروٺندي آ.

مٿيون نظم جي هي هيڏي تاڪيا پٽ نه به ڪيان ته اهڙي شاعري جي تعارف لا ڪافي هئي. ڳالھ هن جي شاعري جي ناهي ڳالھ هن جي ڳالھ جي آهي جيڪا هو هڪڙي سٽ ۽ ڪجه سٽن ۾ ڪائنات سان ڪري ٿي وڃي.

ھڪ اجنبئَ جي اَکڙين ۾،
مون ڳولھيو پنھنجي پاڻ کي.
پنھنجي بند مُٺُ ۾،
رات واري سپني کي.

هن جو ساڳيو نظم ڪجھ سٽن ۾ پابند به آهي ته ڪٿي ڪجھ سٽن ۾ نثراڻو نظم.
پر هن جي پابند نظم ڪيڏي موسيقيت آڻي ٿو.

پکي پرديس کان ايندا،
انھن جي سار تون لھجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن جا ٻول تون ٻڌجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن کي پيار سان پَسجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن جا پر نه تون پٽجان،
پکي پرديس کان ايندا،
نه تن کي قيد ۾ وجھجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن جي سار تون لھجان.

اهو سڄو حساب ڪتاب پاڻ پياري سانئين امداد حسيني تي ڇڏيونٿا.هن ڪيو هوندو سندي مهاڳ ۾.
۽ هو هڪ اڄاتي نگر جي ڳالھ هئين ٿي ڪري:

ھل ته اُن پار ھلون،
جتي تون ويو ھين،
نه مان وئي ھان.
انھن مستين تي،
انھن بلندين تي،
جتي تون ويوھين،
نه مان وئي ھان.
وري هڪ هنڌ چوي ٿي:
ٻيو سڀ ڪجه ٻين جهڙو آهي
خواب اسانجا باغي آهن.

هڪ شاعره جي من جو آواز ڪٿي اندر جنين اڌ واري عورت جي سئن به آهي

سنڌ جيڪوڪاري ڪاري جو ديس آهي. عورت دشمن آبادي آهي.انهي ۾ سنڌي ٻولي جي هي شاعره رد ڪد ٿي ڪري انهي نفي جي صورتحال کي جنهن ۾ بقول ايازهن ديس سڄي کي سائي آ.

ھُو چون ٿا عورتن تي،
ظلم جو ڪو وجود ناھي.
روزڪُٺجن ٿيون روز مرن ٿيون،
پر ھُو چون ٿا عورتن تي،
ظلم جو ڪو وجود ناھي.
رتي جي دانهن به. ته وري ڪٿي

جيئين ڄامشوري جون هوائون رڳو “اڙي شهر جانان جون توکي” تنوارون نه هونديون آهن پر انهن ۾ ڌرتتي مهل ڌرتي سان ڏاڍ تي للڪارون به آهن جن کانسوا ڄڻ ته سنڌي شاعري اڻپوري ڀاسندي آهي.

سِنڌؤَ جي آئيني ۾،
پنھنجو مُکُ پَسيِ ڏس.
ڪيڏا قرض ڪُلھن تي آھن،
پنھنجو پاڻ پُڇي ڏس.

اڄوڪي شاعري هن سائبر اسپيس جي زماني ۾ اسپيس اوپيرا جي صنف تائين وڃي پهتي آهي. نيويارڪ جي سينٽرل پارڪ ۾ پن ڇڻ جا هزارين رنگ رتا آهن مان هي تانيه جي ڪتاب تي هي بيان هتي بند ٿوڪيان. هن ڪتاب جي ئي هڪڙي نظم جي انهن سٽن سان:
رُومئ جي رِلِھي ويڙھي،
بس ھاڻ رُلڻ ڏي.

جي درد مِليا دل کي،
تن تي به کِلڻ ڏي.

انهي آس سان ته جڏهن جديد سنڌي شاعري جي تاريخ سڀان جو مورخ لکڻ ويهندو ته ان ۾ هڪڙي نئين واٽ تانيه جي شاعري جي گلن سان ڇانئيل هوندي. اها واٽ جنهن تي شاعري جو هي قديم جديد سفر سيفو کانوٺي فروغ فروخزاد تائين ٿيندو رهيو آهي. پر هاڻ ڳالھ رڳو هڪ يا ٻين ڌرتي جي ناهي ڪيئين ڪائناتن جي آهي. رومي کي اها سڌ هئي ته جا سهسين رنگن واري رلهي پنج سو سال اڳ قونيا ۾ وڇائي هئي اها سنڌ ۾ ويڙهي ويندي.
ويڙهي وري کولي ويندي. ته بس دوستو ٽوئٽر کان وٺي ڦرندڙ درويشن تائين هي سفر جاري آهي جاري رهندو.

.
حسن مجتبي
نيويارڪ
نومبر ويه سو سورنهن